اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسرائيل جديد تاريخ ۾ ظلم ۽ بربريت جي نئين تاريخ لکي آهي ۽ 17 مهينن ۾ 65 هزار بيگناهه فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي. پاڪستان حڪومت ۽ عوام فلسطين سان گڏ آهن ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته اها بربريت روڪرائڻ لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. عالمي قانونن تحت امن جي قيام لاءِ جيڪي به فيصلا ٿيندا پاڪستان ان ۾ هميشه پهرين صف ۾ بيٺل هوندو. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ فلسطين معاملي تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته 7 آڪٽوبر 23ع موجوده انساني تاريخ ۾ هڪ بحران واري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، جنهن ڏينهن اسرائيلي حڪومت واضح طور تي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جي شروعات ڪئي. جديد تاريخ ۾ ظلم جي نئين تاريخ لکي ۽ 17 مهينن ۾ 65 هزار بيگناهه فلسطينين کي نشانو بڻايو. ڏيڍ لک ماڻهو اسرائيلي بربريت سبب زخمي ٿيا، 15 هزار کان وڌيڪ مٽيءَ هيٺيان دٻيل آهن، خوفناڪ بارود جي استعمال سان وَسندڙ عمارتون تباهه ٿي ويون، سڄي دنيا ان بربريت خلاف آواز اُٿاريو جڏهن ته ڪجهه ملڪن ان تي خاموشي اختيار ڪئي. ڏکڻ آفريقا جي حڪومت ان معاملي کي انصاف واري عالمي عدالت ۾ اُٿاريو. پاڪستان جو فلسطين مسئلي تي واضح مؤقف آهي، سڄي دنيا ۾ خوداراديت واري حق جي آواز کي ڳالهين سان ته روڪي سگهجي ٿو پر بارود سان نٿو روڪي سگهجي. ڪشمير ۽ فلسطين سميت اهڙن سمورن معاملن کي حل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسرائيلي بربريت خلاف ڪروڙين ماڻهن احتجاج ڪيو جڏهن ته ان بربريت ۾ گهٽتائي بدران واڌ ٿي آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر بربريت شروع آهي. رليف جي ڪمن ۾ رڪاوٽ آهي، هتي رليف فراهم ڪندڙ رضاڪار، گڏيل قومن سميت هرهڪ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت ان مسئلي تي چٽو مؤقف اختيار ڪيو آهي ۽ سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت فلسطين جي عوام جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه صرف سڄي دنيا جي مدد جي ضرورت آهي پر ان مسئلي جي پائيدار حل لاءِ سڀني کي ويهي سوچڻو آهي ته جيئن ظلم جو اهو دستان نه ورجايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ حڪومت جو چٽو مؤقف آهي ته اسان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهيون، عالمي قانونن تحت امن جي قيام لاءِ جيڪي به فيصلا ٿيندا پاڪستان ان ۾ هميشه پهرين صف ۾ نظر ايندو. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام اهو مطالبو ڪري ٿي ته ان بربريت جو خاتمو هئڻ گهرجي.