اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران وزيراعظم يوٿ پروگرام قرض اسڪيم تحت روزگار ۽ ملازمت لاءِ پرڏيهه ويندڙ هڪ لک نوجوانن کي 10 لک رپين تائين بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ته جيئن پرڏيهه ۾ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي خواهشمند نوجوان پاڪستانين جي مدد ڪري سگهجي. گذريل ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي هڪ عهديدار مطابق يوٿ پروگرام تحت بنا وياج قرض جي پيڪيج ۾ سمورو سفري الائونس شامل هوندو جنهن ۾ اهم خرچ جيئن مهارت جي تربيت، ويزا جا خرچ ۽ شروعاتي قيام جا خرچ شامل هوندا. هن چيو ته قرض جي ادائگي آسان قسطن سان ڪئي ويندي جنهن ۾ 7 کان 8 سال جي مُدي ۾ مساوي ماهوار قسطون شامل آهن. پرڏيهه ۾ ملازمت جي آڇ يا لائسنس رکندڙ اوروسيز ايمپلائمينٽ پروموٽرز ذريعي ڀرتيءَ سان اهل درخواست ايندڙ جي عمر 21 ۽ 45 سال جي وچ ۾ هئڻ گهرجي. هن چيو ته اهو قدم نوجوان پاڪستانين کي معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ، عالمي ڪيريئر جا موقعا ڳولڻ لاءِ بااختيار بنائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. مالي مدد فراهم ڪري حڪومت جو مقصد پنهنجي نوجوانن جي مهارتن ۽ روزگار جي صلاحيت کي وڌائڻ آهي جيڪو آخرڪار ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو وجهندو آهي.