اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) آمريڪا، يورپ، نار ۽ آفريقي ملڪن سميت سڄي دنيا جي مختلف علائقن مان سمنڊ پار پاڪستاني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ آيا. سمنڊ پار پاڪستانين جي وفد ڪنوينشن ڪرائڻ کي موجوده حڪومت جو بهترين قدم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان عمل سان سمنڊ پار پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪالهه ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڏکڻ ڪوريا مان ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندڙ مدثر علي چيمه چيو ته پاڪستان اسان جي روح ۾ وَسي ٿو ۽ اسان پنهنجي وطن جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ رياست سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن. هتي اسان جي اچڻ جو مقصد وڌ کان وڌ سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪرڻ آهي. سمنڊ پار پاڪستاني ان موقعا مان فائدو کڻندي مختلف شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪندا. آمريڪا مان بشريٰ سلمان چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنوينشن ڪرائڻ تي حڪومت مبارڪون لهڻي. ڪنوينشن ۾ سڌيءَ ريت حڪومتي ادارن سان پنهنجا مسئلا ۽ انهن جي حل جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو مليو. هالينڊ مان نوابزاده اصغر علي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ڪنوينشن ۾ اي ڊي آر اي، ايف آءِ اي، نيب، پاسپورٽ آفيس، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف بي آر سميت مختلف ادارن طرفان خصوصي ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن جنهن سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سڌيءَ ريت مدد ۽ ڄاڻ ملي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جنهن شاندار انداز ۾ ايئرپورٽ کان هيستائين آندو ان تي اسان حڪومت جا ٿورائتا آهيون. سنگاپور مان عبداللطيف صديقي چيو ته اسان سمنڊ پار پاڪستاني طور ملڪ جي بهتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته پهريون ڀيرو سمنڊ پار پاڪستاني برادريءَ کي اهڙو موقعو ڏنو ويو جو انهن جا خدشا دُور ڪرڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙن سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو. وليد مشتاق تجويز ڏني ته حڪومت هڪ اهڙو ون ونڊو آپريشن وارو نظام بنائي ته جيئن سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجا مسئلا يا پنهنجي ملڪيت بابت مسئلن لاءِ مختلف ادارن يا آفيسن ڏانهن نه وڃڻو پوي پر هڪ ئي جاءِ تي انهن جو ڪم ٿي وڃي. ڪئنيڊا مان آيل فرح ظفر حڪومت طرفان سمنڊ پار پاڪستانين کي رياستي مهمان جو درجو ڏيڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته عزت واري ان قدم سان سمنڊ پار پاڪستانين جو اعتماد بحال ٿيندو.