اسلام آباد-14 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان علائقائي واپار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سامونڊي تعاون کي مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هي فيصلو سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ قازقستان جي سفير يزران ڪسٽافن وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن علائقائي رابطن، اقتصادي تعاون ۽ ٻه طرفي سامونڊي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته قازقستان ڇاڪاڻ ته هڪ زمين ۾ بند ملڪ آهي ان لاءِ هو پاڪستان جي زميني رستن ۽ بندرگاهي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. ڳالهين دوران سامونڊي واپار بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ پائيدار سامونڊي طريقن تي تعاون وڌائڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو. وفاقي وزير علائقائي واپاري مرڪز بڻجڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو ته سامونڊي شعبو ملڪي معيشت جي ترقيءَ جو ٿنڀ آهي ۽ عالمي حصيداري ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي. قازقستان جي سفير شپنگ ۽ لاجسٽڪ شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ گوادر، ڪراچي پورٽ قاسم کي قازقستان لاءِ نار، آفريقا ۽ ٻين عالمي مارڪيٽن تائين رسائيءَ جو اهم دروازو قرار ڏنو. ٻنهي ملڪن لاجسٽڪ کي بهتر بنائڻ، واپاري راهدارين کي فعال ڪرڻ ۽ بندرگاهن جي جديد ڪاري لاءِ گڏيل منصوبن تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ گوادر پورٽ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي تفصيلن کان قازقستان جي سفير کي آگاهه ڪيو ۽ کيس ان موقعن ۾ حصيداري جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ ماحول دوست شپنگ، سامونڊي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سامونڊي نظام جهڙوڪ مينگروز جي حفاظت جهڙن اهم شعبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڌُرين افرادي سگهه جي ترقي ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي عوامي رابطن لاءِ اڻٽر قرار ڏنو ۽ گڏيل ورڪنگ گروپس جي قيام تي اتفاق ڪيو ته جيئن طئي ٿيل منصوبن تي جلد کان جلد عملدرآمد ڪري سگهجي. قازقستان جي سفير پاڪستان جي سامونڊي ترقيءَ ۾ قيادت کي ساراهيو ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هي ملاقات هڪ مضبوط ترقي يافته ۽ خوشحال علائقائي واپاري نيٽ ورڪ جي گڏيل ويزن جو اهڃاڻ آهي جنهن ۾ پاڪستان کي وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا وچ ۾ هڪ اهم سامونڊي پُل طور پيش ڪيو ويو.