اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن به هڪ مهيني ۾ 4 ارب ڊالر جي حد عُبور ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيندي ۽ خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گذريل سال مارچ جي مقابلي ۾ هن سال مارچ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 37.4 سيڪڙو اضافو سمنڊ پار پاڪستانين جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو عڪاس آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ جاري اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن جي ڏس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي جي خوشخبري جو اچڻ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لڳاءُ، جذبي ۽ ملڪي معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته مارچ 2025ع ۾ مٽاسٽا جو ناڻو هڪ مهيني ۾ رڪارڊ ڪيل تاريخ جي بلند ترين سطح 4.1 بلين ڊالر جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ هيستائين مٽاسٽا جو ناڻو مجموعي طور تي 28 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، گذريل سال مارچ جي مقابلي ۾ هن سال مارچ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 37.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ جاري اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن جي ڏس ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي جي خوشخبري اچڻ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لڳاءُ، جذبي ۽ ملڪي معيشت تي اعتماد جو اظهار آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جو رڪارڊ سطح تي پهچڻ سمنڊ پار پاڪستانين جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ ڏينهن رات محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪري نه رڳو ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن ٿا پر مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪي معيشت کي فائدو پهچائين ٿا. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي محنت ڪندڙ سمنڊ پار پاڪستانين تي فخر آهي، پاڪستان حڪومت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.