بيجنگ-14 اپريل (اي پي پي)چين تبت جي معاملي تي آمريڪي شهرين تي ويزا پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لن جيان چيو آهي ته چين انهن آمريڪي شهرين تي ويزا پابنديون لاڳو ڪندو جن تبت جي معاملي تي نامناسب مؤقف جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا تبت جي معاملي جو فائدو کڻندي چيني عملدارن تي بنا فرق جي پابنديون لاڳو ڪيون آهن جيڪو عالمي قانونن ۽ عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پرڏيهي لاڳاپن بابت چين جي قانونن جي بنياد تي ۽ پرڏيهي پابندين جو مقابلو ڪرڻ تي چيني ڌُر آمريڪي نمائندن تي ويزا پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن تبت جي معاملي تي مڪمل طور تي نامناسب مؤقف جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته تبت جو مسئلو صرف چين جي اندروني معاملن جو حصو آهي جڏهن ته چين نام نهاد انساني حقن، مذهب ۽ ثقافت کي حل ڪرڻ جي بهاني تبت جي معاملن ۾ مداخلت ڪندڙ ڪنهن به ملڪ جي نمائندن خلاف آهي.