رياض-14 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب اولهه سوڊان جي شهر الفاشر ويجهو لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي ڪيمپن ۾ خاص طور تي زمزم ۽ ابو شوڪ تي تازن حملن جي مذمت ڪئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن جيڪا عالمي قانونن، انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي . سعودي عرب اهڙين خلاف ورزين کي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ انساني ۽ امدادي ڪارڪنن جي حفاظت ۽تحفظ کي يقيني بنائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. مملڪت جده پڌرنامي ۾ بيان ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريو جنهن جو مقصد سوڊان ۾ شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي. وزارت متاثرين جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي .