اسلام آباد-13 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن
واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي ترقي
لاءِ پٺتي پيل طبقن کي جديد تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ بي حد ضروري
آهي، قومي ترقي جو بنياد انساني وسيلن جي ترقي تي ٻڌل آهي، ڪنهن به ملڪ
جي ترقي جو دارو مدار صحتمند قوم تي هوندو آهي، صحت جي شعبي کي جديد
رخن تي آندو پيو وڃي. وفاقي وزير احسن اقبال ڪالهه اهڙو اظهار نارووال
ميڊيڪل ڪاليج جيپهرين سالياني ناروڪون -1 ڪانفرنس کي خطاب دوران
ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي صحت جو شعبو ٻين مختلف مرضن سميت وڏي
انگ ۾ ذهني مرضن جي بار هيٺيان دٻيل آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ پيچيده مرض اسان
جي قومي ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن. هن چيو ته ڪنهن به
ملڪ جي ترقي جو دارومدار صحتمند قوم تي هوندو آهي، ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس
سي، شوگر، ڪينسر، سميت پوليو جهڙا مرض هيلٿ سسٽم لاءِ چئلينج بڻيل آهن،
صحت جي شعبي کي جديد رخن تي آندو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته پٺتي پيل
علائقن ۾ ڪوالٽي هيلٿ ڪيئر مرڪز بڻجڻ سان وڏن شهرن تي بار گهٽ ٿيندو،
ميڊيڪل ريسرچ سڀ کان ضروري شعبو آهي، اسان کي ڪاپي پيسٽ ڊاڪٽرن
جي کيپ تيار ناهي ڪرڻي. هن چيو ته اڏام پاڪستان تحت ملڪ کي درپيش
صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽن سالن وارو هيلٿ ڪيئر پروگرام شروع
ڪيو ويو آهي، زيرو هيپاٽائيٽس ۽ذيابيطس جي علاج لاءِ 67 ارب روپيا رکيا
ويا آهن،بدقسمتي سان دنيا ۾ هيپاٽائيٽس جا سڀ کان وڌيڪ مريض هن ملڪ ۾
آهن، وفاقي وزير چيو ته اسان تمام جلد هڪ پراجيڪٽ شروع ڪري رهيا
آهيون جنهن ۾ بيمارين کان ڇوٽڪاري لاءِ آگاهي فراهم ڪئي ويندي، ڪنهن به
معاشري جي ترقي لاءِ پٺتي پيل طبقن کي جديد تعليم سان ليس ڪرڻ بي حد
ضروري آهي. هن چيو ته ملڪ جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ تعليم جي
شعبي ۾ جيتري به سيڙپڪاري ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، صرف نارووال نه،
نوشڪي، پشين، خضدار، وڊه، گوادر، تربت، فاٽا، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾
اعليٰ تعليم جا ڪيمپسز قائم ڪيا آهن. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه سقراط ۽
بقراط ٽي وي تي ويهي پٺتي پيل علائقن ۾ نون ڪيمپسز جي مخالفت ڪن ٿا انهن
جي خيال ۾ نوان ڪيمپسز صرف وڏن شهرن ۾ هجڻ گهرجن.