اسلام آباد-13 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق
مشهور اداڪار ۽ ڪاميڊين جاويد ڪوڏو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
ڪندي جاويد ڪوڏو جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو
آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان ۾ قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر فن جي شعبي ۾ جاويد ڪوڏو جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽
جاويد ڪوڏو جي لاڏاڻي سان ميڊيا انڊسٽري هڪ مشهور اداڪار کان محروم
ٿي وئي آهي، جاويد ڪوڏو جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال سالن تائين ڀرجي نه
سگهنجندو. اسپيڪر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا
ڪئي.