لنڊن-09 اپريل (اي پي پي) شهزاده هيري پنهنجي ذاتي سيڪيورٽي ختم ڪرڻ جو فيصلوعدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده هيري لنڊن جي اپيل ڪورٽ ۾ حڪومت پاران سندس مالي مدد فراهم ڪندڙ ذاتي سيڪيورٽي جي تفصيلن کان محروم ڪرڻ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو آهي. شهزاده هيري پنهنجو ڪيس ڪورٽ آف اپيل ۾ داخل ڪيو جتي هن برطانيا ۾ ذاتي سيڪيورٽي جي واپسي جو مطالبو ڪيوآهي. شهزاده هيري وٽ ڊيوڪ آف سسيڪس سميت ٻيا لقب آهن. فيبروري 2020ع ۾ شاهي خاندان جي هڪ ورڪنگ ميمبر جي حيثيت تان هٿ کڻڻ ۽ ٻي رياست ڏانهن وڃڻ بعد پنهنجي حڪومتي فنڊن جي تحفظ کان محروم ٿي ويو هو. شهزاده هيري ماتحت عدالت جي ان فيصلي خلاف اپيل ڪئي جنهن شهزادي کي پنهنجي ذاتي حفاظتي تفصيلن کان محروم کرڻ جي حڪومتي فيصلي کي برقرار رکيو هيو. گذريل سال لنڊن ۾ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته حڪومتي ڪميٽي جو شهزاده هيري کي ضرورت پوڻ تي ايڊهاڪ“ تحفظ فراهم ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني، غير معقول يا غير منصفاڻو نه هيو. هيري دعويٰ ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا ۽ مين اسٽريم ميديا تي لڳاتار خوفزده ڪرڻ سبب هو پاڻ ۽ سندس زال ميگهن ڊچز آف سسيڪس خلاف دشمني جي ڪري پنهنجي ملڪ وڃي نٿا سگهن . شاهه چارلس جي ننڍي پٽ 40 سالن جي هيري حڪومت ۽ ڪجهه اخبارن تي ڪيس ڪري شاهي روايت کي توڙيو آهي.