لاهور-07 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ هتي پاڪستان ريلوي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. ترجمان موجب اجلاس ۾ ريلوي انفراسٽر ڪچر، مختلف ڊويزنن جي ڪارڪردگي ۽ جاري رٿائن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايم ايل ون منصوبي تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ريلوي واري وزير هدايت ڪئي ته سفر جي وقت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ انجنيئرنگ جي راهه ۾ موجوده رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ هڪ سال جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي وئي. ريلوي واري وزير اجلاس ۾ ڪياماڙيءَ کان حيدرآباد سيڪشن تي فوري ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽريڪ جي بحاليءَ جي منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ، سليپرز جي تياري 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ سال جي پڄاڻيءَ تائين 4 ٽيمپنگ مشينون استعمال جوڳيون بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن زور ڀريو ته ريلوي انتظاميه محمد شهباز شريف جي ترقياتي ماڊل کي اختيار ڪندي هڪ سال ۾ ٻن سالن جو ڪم مڪمل ڪري. فريٽ ٽرينن مان وڌ کان وڌ روينيو حاصل ڪرڻ ۽ ليڪيج روڪڻ لاءِ به سخت قدمن جو اعلان ڪيو، جڏهن ته اجلاس ۾ مسافر ۽ مال گاڏين جي ان لائن بُڪنگ کي بهتر بنائڻ ۽ انساني مداخلت گهٽ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ريلوي واري وزير ريلوي ڪالونين ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جي فهرست طلب ڪندي رٽائرڊ آفيسرن ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن جي ريلوي ريسٽ هائوسز ۾ رهائش تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. ريلن جي بروقت روانگيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ 3 مهينن ۾ باقائدي 90 کان 95 سيڪڙو تائين جو هدف مقرر ڪيو آهي جنهن جي نگراني وفاقي وزير پاڻ ڪندو. هن ريلوي اسٽيشنز ۽ آفيسن جي اوچتي دؤرن جو اعلان ڪندي سڀني ڊي ايس جي ماهوار ڪارڪردگي رپورٽ به طلب ڪئي جڏهن ته صفائي ۽ کاڌي جي معيار کي بهتر بنائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. اجلاس ۾ سڀني وڏين ريلوي اسٽيشنن تي ايلي ويٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي شروعات راولپنڊيءَ کان ڪئي ويندي. حنيف عباسي اجلاس کي ٻُڌايو ته برانچ لائنن جي بحاليءَ لاءِ پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي وئي. اجلاس ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ پنجاب ۽ سنڌ مان آپريشن جي شروعات جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پکيڙيو ويندو. ضلعي انتظاميه جي تعاون سان هي ڪارروايون عمل ۾ آنديون وينديون. آخر ۾ ريلوي واري وزير ڪمرشل، پوٽيشنل وارين زمينن جا تفصيل ۽ سڀني ليز ٿيل زمينن بابت رپورٽ طلب ڪئي ته جيئن آمدني جي ذريعن ۾ واڌ ڪري سگهجي.