تهران -07 اپريل (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي، ايٽمي پروگرام تي سڌي ريت ڳالهين جي آمريڪي آڇ کي رد ڪندي ملڪ جي هٿياربند فوج کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايراني عملدارن پاڙيسري ملڪن کي خبردار ڪيو ته اهي ايران خلاف امڪاني آمريڪي حملن جي حمايت نه ڪن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ايران ٻڌايو آهي، ته هي صورتحال آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي لکيل خط کان پوءِ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ لاءِ سڌي ريت ڳالهين تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو چيو ويو ته ايراني ايٽمي پروگرام تي نئين ڊيل نه ٿيڻ جي صورت ۾ فوجي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. ايران سڌي ريت ڳالهين جو مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان تجويز کي بي معنيٰ قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي حڪومت عراق، ڪويت، گڏيل عرب امارات، قطر، ترڪيه ۽ بحرين کي جاري ڪيل نوٽيسن ۾ خبردار ڪيو ته آمريڪي فوج کي پنهنجي فضائي حدون يا سر زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ دشمني جو عمل تصور ڪيو ويندو. اهڙي ريت جون حرڪتون انهن لاءِ سنگين نتيجا هونديون ۽ اهو ته سپريم ليڊر خامنه اي ايران جي هٿياربند فوج کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ايران عمان جي رستي سڌي ريت ڳالهين لاءِ تيار آهي. ايراني عهديدار چيو ته اڻ سڌي طرح ڳالهيون سياسي حل جي باري ۾ واشنگٽن جي سنجيدگي جو جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿيون. ايراني پرڏيهي وزير ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته ايران ايٽمي پروگرام تي برابري جي بنياد تي ڳالهيون چاهي ٿو.