اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سمورين گڏيل ترجيحن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان ڳالهه جو اظهار پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان ۽ يورپ ۽ پرڏيهي معاملن واري فرانسيسي وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڊيوڊ برٽولوٽي جي وچ ۾ ٻطرفي مشاورت دوران ڪيو ويو. ڌرين پاڪستان فرانس ٻطرفي تعاون بابت روڊ ميپ (2023ع) تحت ٻطرفي تعاون ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ قونصلر معاملن سميت اهم شعبن ۾ ان جي لاڳو تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جو پڻ احاطو ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي هم آهنگي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.