اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪامياب آپريشن ۾ 9 خوارج جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين دوران هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ڪارروائي دوران دهشتگردن جي سرغنه کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردن جي سرغنه کي مارڻ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي. صدر چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون، پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.