اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي ڊيره اسماعيل خان جي علائقي تڪواڙا ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن ۾ دهشتگردن جي گهربل اڳواڻ سميت 9 خوارجي دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.