اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان 8 کان 10 اپريل تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اقصادي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران پاڪستان جي قيادت بشمول صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سميت ٻين وفاقي وزيرن سان ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ سيڪريٽري جنرل اي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کي پيش ڪندو جنهن جو مقصد تنظيم کي فعال بڻائڻ آهي. اسلام آباد ۾ مصروفيتن کانپوءِ ڊاڪٽر اسد مجيد خان لاهور جو دورو ڪندو جتي هو اي سي او جي مستقل نمائندن واري ڪائونسل جي 294هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جيڪو 12 کان 15 اپريل تي لاهور ۾ ٿي رهيو آهي.