اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) آذربائيجان جو اقتصاديات وارو وزير ميڪائل جبروف سيڙپڪاري جي منصوبن تي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ 8 اپريل تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ميڪائل جبروف دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد سان سيڙپڪاري جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو.