اسلام آباد- 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت صحت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ڪتب آڻڻ ۽ مضبوط حصيداري جي قيام لاءِ پرعزم آهي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت سڀني لاءِ روشن مستقبل جي ضمانت فراهم ڪري ٿي، پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي ميدان ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي، جڏهن ته اسان آڏو ڊگهو سفر باقي آهي. صحت واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن ڏينهن تي اسان سڀني لاءِ صحت ۽ چڱ ڀلائي جي پنهنجي قومي عزم جي توثيق ڪريون ٿا، هن سال جو ٿيم”صحتمند شروعات ۽ اميدن ڀريو مستقبل“ ، ويم ۽ نون ڄاول ٻارن جي صحت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت، صحتمند خاندانن، مستحڪم برادرين ۽ هڪ پراميد قوم جو بنياد آهي، جيڪا سڀني لاءِ روشن مستقبل جي ضمانت فراهم ڪري ٿي. پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي ميدان ۾ ذڪر جوڳي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته اسان آڏو اڃان به ڊگهو سفر باقي آهي. اسان کي پنهنجي صحت جي نظام کي ان انداز ۾ مستحڪم ڪرڻو پوندو ته هو نه رڳو طبي، پر ان وسيع تر معاشرتي سببن کان به موثر انداز ۾ منهن ڏئي سگهي جيڪو ويم ۽ نون ڄاول ٻارن جي صحت تي اثر انداز ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت صحت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ڪتب آڻڻ ۽ مضبوط حصيداري جي قيام لاءِ پرعزم آهي ته جيئن صحت جي عام سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي. ڊجيٽل هيلٿ ٽولز جي استعمال ڊيٽا تي ٻڌل پاليسي سازي ۽ ڪميونٽي جي موثر شموليت ذريعي اسان هن کوٽ کي ڀري سگهون ٿا، جيڪي خاص طور گهٽ سهولت يافته ۽ ڏورانهن علائقن ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي ۾ موجود آهن. هن چيو ته صحت وارو عالمي ڏينهن ملهائيندي اچو ته اسان صحت لاءِ هڪ مضبوط ۽ گهڻ شعبي جي نقطه نظر جي ضرورت کي ورجايون، ان ۾ صحت جي سارسنڀال، تعليم، غذائيت، ماحول ۽ نظم ۽ تربيت ۾ جامع ۽ عملي قدم شامل هجڻ گهرجن. هن چيو ته اسان کي احتياطي تدبيرن تي ٻڌل صحت جي سارسنڀال، يونيورسل هيلٿ ڪوريج، دماغي صحت جي بهتري ۽ صحت بابت اڻبرابري جي خاتمي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻو پوندو. اسان جو هدف اهو هجڻ گهرجي ته جڏهن ۽ جتي به ان جي ضرورت هجي هر فرد کي معياري صحت جون سهولتون، تربيت يافته طبي عملو، محفوظ علاج ۽ ضروري دوائون وقت سر بنا رڪاوٽ جي فراهم ٿين.