نيويارڪ -05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان چئن سالن لاءِ گڏيل قومن جي منشيات بابت ڪميشن جو ميمبر چونڊجي ويو آهي. پاڪستان جي چونڊ نيويارڪ ۾ يو اين اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڪئي وئي. پاڪستان کي 2026ع کان 2029ع تائين چئن سالن جي مدي لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاڪ يو اين مشن جي پڌرائي موجب پاڪستان يو اين اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي حمايت تي ٿورائتو آهي. منشيات بابت ڪميشن جو ميمبر بڻجڻ پاڪستان تي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته منشيات بابت ڪميشن جو ميمبر چونڊجڻ پاڪستان تي اعتماد ۽ ڀروسي کي ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان منشيات جي روڪٿام وارين عالمي ڪوششن ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پڌرائي مطابق پاڪستان عالمي سطح تي منشيات جي روڪٿام جي ڪوششن ۾ اڳيان رهيو آهي، پاڪستان منشيات جي اسمگلنگ، پيداوار۽ استعمال خلاف نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان گڏيل قومن ۾ عالمي منشيات پاليسي بابت بحثن ۾ سدائين فعال ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو.