اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده جي صدارت هيٺ مري ضلعي ۾ ڪونسٽنٽيا لاج بابت قانوني تڪرارن جي حل لاءِ لائحه عمل تي تفصيلي بحث لاءِ خصوصي اجلاس ٿيو. ترجمان موجب اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري، ايڊيشنل ڪمشنر راولپنڊي ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. هي اجلاس وزيراعظم جي هدايت تي طلب ڪيو ويو ته جيئن رياست جي ملڪيت تي قانوني چاره جوئي جي معاملن جي جلد حل لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ راولپنڊي جي ايڊيشنل ڪمشنر مري ۾ ڪشمير پوائنٽ تي واقع اسٽيٽ نمبر 43 ۽ 44 ڪونسٽنٽيا لاج جي پراپرٽي جا تفصيل ۽ قبضي جي حيثيت تي بريفنگ ڏني. هي 4.6 ايڪڙ تي ٻڌل قيمتي پراپرٽي آهي، ان تي ڪيترن ئي حد دخلين سان گڏوگڏ ملڪيت جا 3 دعويدار آهن. ماضي ۾ هي لاج پرڏيهي مشن جي رهائش لاءِ پرڏيهي آفيس جي استعمال هيٺ رهي ۽ ان کي برازيل جي سفارتخاني کي به رليز تي ڏنو ويو پر بعد ۾ ان کي 1999ع ۾ پاڪ پي ڊبليو ڊي کي منتقل ڪيو ويو. جاري ڪيس تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مختلف عدالتن ۾ 6 ڪيس هلندڙ آهن ۽ ويجهڙ ۾ ئي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ معاملي جو جلد کان جلد فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪمشنر راولپنڊي کي ڪيس جي نئين سر ٻڌڻي جو حڪم ڏنو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورين ڌرين کي ٻڌي محصولن جي رڪارڊ جي جاچ پڙتال کانپوءِ راولپنڊي جو ڪمشنر هن ڪيس تي فيصلو ڪندو. ڪمشنر جي حڪم سان ميرٽ تي سمورن دعويدارن جي حق کي واضح ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ انهن سمورن ماڻهن خلاف مجرماڻي ڪارروائي شروع ڪئي ويندي جيڪي سالن کان ڪوڙين دعوائن ۽ جعلي دستاويزن ۽ رياستي آفيسن کي گمراهه ڪندا رهيا.