اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نيتالي بيڪر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي توانائي تعاون، پائيدار ترقي ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ حصيداري سميت تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن، معدنيات، هائيڊرو ڪاربنز ۽ بنيادي ڍانچي جي سيڙپڪاري، توانائي جي اهم چئلينجز، ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ پاڪستان جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاليسي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. ٻئي طرف ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائدي جي حصيداري ۽ توانائي جي شعبي جي پائيداري لاءِ مستقبل جي لائحه عمل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ آمريڪي حڪومت جي مسلسل تعاون جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو ۽ چاهي ٿو ته اهي لاڳاپا ڊولپمينٽ پارٽنرز طور هموار هجن. اسان تيل، گئس ۽ تجديد جوڳي توانائي جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن کي ڳولڻ جا خواهشمند آهيون ته جيئن پائيدار ترقي ۽ عوام لاءِ سستي توانائي کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير آمريڪي ناظم الامور جو ٿورو مڃيو ته هن ايندڙ هفتي ٿيندڙ پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ آمريڪي اعليٰ سطحي وفد جي شرڪت لاءِ ذاتي طور ڪوشش ڪئي. هن فورم ۾ آمريڪا جو ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت وقتي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايرڪ ميئر شرڪت ڪندو جيڪو گذريل وڏي عرصي کان پوءِ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ليول جو اهم دورو هوندو. نيتالي بيڪر پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ اهم سڌارن جي ڪامياب عمل کي ساراهيو. هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته آمريڪا جو پاڪستان سان سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مثبت تعاون جاري آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي ڪوششن کي ساراهيو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن لاڳاپن کي وڌايو وڃي ۽ ان کي هڪ نئين سطح تي آندو وڃي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ سڌارن جي رستي تي پاڪستان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل توانائي جي هدفن کي اڳتي وڌائڻ ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي نون رستن کي تلاش ڪرڻ جي گڏيل عزم جو پڻ اظهار ڪيو.