منسڪ-04 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان بيلاروس جي دوري ۾ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير اليگزسي ليخنووچ سان ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ اهم اقتصادي واپاري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ زور ڀريو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ زميني رابطن تي اڳ ئي جاري معاملن ۾ اڳڀرائي جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته شاهراهن ذريعي نه رڳو گڏيل واپار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي پر وچ ايشيا ۽ يورپ تائين پهچ ممڪن ٿي سگهندي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته واپاري لحاظ کان بيلاروس کي خطي ۾ اهم جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي ۽ پاڪستان خاص ڪري مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون ۾ واڌ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته سندس وفد سان گڏ بيلاروس جو هي دورو انتهائي خوشگوار آهي جيڪو ٻنهي ملڪن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته هلندڙ مهيني پاڪستان جي وزيراعظم جي بيلاروس آمد به ان سلسلي ۾ مددگار ثاب ٿيندي. مواصلات واري وفاقي وزير بيلاروس جي ٽرانسپورٽ واري وزير کي پاڪستان ۾ موٽر ويز جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، بيلاروس جي ٽرانسپورٽ واري وزير، وفاقي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي کين مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير منسٽريل سيشن کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان طرفان بيلاروس سان گڏيل ڀائيواري ۾ واڌ تي زور ڀريو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جو دورو انتهائي اهميت وارو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ ڏينهن ۾ ان ۾ ترقي کي وڌ کان وڌ بامقصد ۽ تيز بڻائينداسين. ٻئي طرف مواصلات واري وفاقي وزير ڪالهه پاڪستاني وفد سان گڏ بيلاروس جي شهر منسڪ ۾ ناليواري ٽريڪٽر مينيوفيڪچرنگ پلانٽ جو دورو ڪيو جتي کين ٻڌايو ويو ته 75 سالن کان قائم هن پلانٽ ۾ 62 کان وڌيڪ ٽريڪٽرن ۽ گاڏين جا ماڊل تيار ڪيا ويندا آهن ۽ 20 هزار کان وڌيڪ ورڪ فورس جو هي ادارو ساليانو 50 هزار ٽريڪٽر ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهڙي طرح ٽريڪٽر درآمد ڪندڙن ۾ يوڪرين، آذربائيجانن، هنگري، رومانيه، قازقستان، روس، لٿوانيا ۽ پاڪستان شامل آهن. مواصلات واري وفاقي وزير بيلاروس جي هن ٽريڪٽر پلانٽ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته هن اداري جو ماحول دوست ۽ جديد ٽيڪنالاجي وارو هجڻ سٺو سنئوڻ آهي ۽ پاڪستان به اهڙو ئي ٽريڪٽر پلانٽ لڳائڻ جو خواهشمند آهي جنهن لاءِ بيلاروس جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ان موقعي تي بيلاروس جي عملدارن پاڪستاني وفد کي ٽريڪٽر پلانٽ جا مختلف شعبا ڏيکاريا ۽ سندن سوالن جا جواب ڏنا.