اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن دوران سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ گرمي پد معمول کان 2 کان 4 سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جي اميد آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته ميداني علائقن ۾ گرم رهي. جڏهن ته خيبرپختونخوا جي مٿانهين علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ٿي، سڀ کان وڌيڪ برسات دير ۽ ڪالام ۾ هڪ ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ڪالهه وڌ کان وڌ گرمي پد مٺي ۾ 43 سينٽي گريڊ، تربت ۾ 42، لسٻيله ۽ ڇور ۾ 41، نوڪنڊي ۾ 40 سينٽي گريد رڪارڊ ڪيو ويو.