لاهور – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف بجلي جي اگهن ۾ رڪارڊ گهٽتائي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. هن گهريلو ۽ صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن سان ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن ٿي چڪو آهي، بجلي سستي ڪرڻ سان نه رڳو عوام کي ريليف ملندو پر ايڪسپورٽ پڻ وڌندي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي سدائين عوام کي معاشي ريليف ملندو آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي مسلم ليگ (ن) جي ئي بهترين معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ترقي جون نيون راهون کلي رهيون آهن، نوجوانن کي روزگار پڻ ملندو.