اسلام آباد-04 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان رليف پئڪيج تحت 30 لک حقدار خاندان کي رليف ڏنو، رليف پئڪيج کي وڌيڪ شفاف ۽ باوقار بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل ٽرانزيڪشنز جو طريقو اختيار ڪيو ويو ۽ حقدارن کي ڊجيٽل والٽ ذريعي ادائيگي ڪئي وئي. وفاقي حڪومت طرفان رمضان المبارڪ ۾ ڏنل رليف پئڪيج جي حوالي سان رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ميڊيا کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته حقدار خاندانن کي رقم جي ادائيگي صاف ۽ شفاف طريقي سان ڪئي وئي. هن پروگرام تحت 19 لک ڊجيٽل ٽرانزيڪشن ٿي آهي ۽ هن عمل ۾ نجي شعبي به تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته حڪومت رمضان رليف پئڪيج تحت 30 لک حقدار خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪئي ۽ ان عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل والٽ ذريعي ادائيگي ڪئي وئي. هي قدم ڊجيٽل پاڪستان ويزن جو حصو آهي جنهن جو مقصد مالي مدد جي نظام کي جديد ۽ شفاف بڻائڻ آهي. هن چيو ته 19 لک ڊجيٽل ٽرانزيڪشن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته حڪومت بئنڪنگ يا موبائيل والٽ ذريعي ادائيگي جي جديد ذريعن کي استعمال ڪيو، ان ۾ نجي شعبي جو تعاون به اهم رهيو جيڪو هن منصوبي جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته حڪومت رمضان رليف پئڪيج کي وڌيڪ شفاف ۽ باوقار بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل ٽرانزيڪشنز جو طريقو اختيار ڪيو، هن قدم جو بنيادي مقصد حقدار ماڻهن کي سڌي ريت مالي مدد فراهم ڪرڻ هو ته جيئن انهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي. وفاقي وزير چيو ته هي رليف انهن ماڻهن لاءِ هو جيڪي ڪنهن ٻي حڪومتي امدادي پروگرام ۾ شامل نه هئا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت وڌ کان وڌ حقدار ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پروگرام کي ايندڙ سال وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته وڌ کان وڌ ضرورتمند ماڻهو ان مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته هي قدم سماجي ڀلائي ۽ شفافيت جي لحاظ کان هڪ مثبت اڳڀرائي آهي خاص طور تي جڏهن حڪومت ڊجيٽل مالياتي نظام کي هٿي ڏئي رهي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته رمضان رليف پئڪيج جي 79 سيڪڙو رقم انتهائي شفاف طريقي سان حقدارن تائين پهچائي وئي آهي. هن چيو ته رمضان رليف پئڪيج جي حوالي سان ڪل هڪ هزار 273 شڪايتون مليون جن جي حل لاءِ فوري قدم کنيا ويا. رمضان پئڪيج تحت 19 لک ڊجيٽل ادائيگيون ٿيون . هن چيو ته 8 لک 23 هزار 563 عورتن ڊجيٽل والٽ استعمال ڪيو جڏهن ته 2 هزار 541 خصوصي ماڻهن ڊجيٽل والٽ ذريعي رقم وصول ڪئي.