اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) توانائي ۽ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته وزيراعظم ملڪ ۾ پاور سيڪٽر جي بهتريءَ لاءِ شفاف طريقي سان پنهنجي ٽيم جي حوصله افزائي ۽ رهنمائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ پاور سيڪٽر ۾ انقلابي تبديليون سامهون آيون ۽ عوام کي وڏو رليف ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. اهڙو اظهار هُن وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائيءَ جي حڪومتي پيڪيج جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مان وزيراعظم جو ٿورو مڃڻ چاهيان ٿو جو هن گذريل هڪ سال اندر عوام کي درپيش مشڪلاتن جو احساس ڪندي رات ڏينهن اسان جي ٽيم کي رهنمائي فراهم ڪئي. هن گذريل هڪ سال ۾ بنا فرق جي پاور سيڪٽر جي بهتري جون تجويزون ۽ قدم کڻڻ ۽ شفاف طريقي سان ميرٽ کي نظر ۾ رکندي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ هڪ ٽيم جي چونڊ ڪئي ۽ ٽاسڪ فورس جوڙيو، جنهن جو شريڪ چيئرمين محمدعلي، نيشنل ڪوآرڊينيٽر جنرل ظفر ان جي پوري اناليسز ٽيم جنهن ۾ اسان جا نوجوان آفيسرز، سي پي پي اي، نيپرا ۽ هر اداري مان چونڊيل سٺا آفيسر شامل هئا. هنن گڏجي سڄو ڪم ڪيو ۽ اسان جا انرجي سيڪٽريٽريز ۽ ٻين اهم ذميدارين تي مقرريون ٿيون، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين ڀرپور محنت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي جي شعبي ۾ اهم قدم کنيا ويا.