بيلاروس-03 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اعليٰ سطحي وفد سان بيلاروس جي ٻن ڏينهن جي دؤري تي منڪس پهتو جتي هن منسٽرلي سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان بيلاروس سان ٻه طرفن لاڳاپن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي ۽ ٻئي ملڪ اڳئي موجود معاهدن تي تيزيءَ سان اڳڀرائي چاهين ٿا ته جيئن مختلف شعبن ۾ عملي ڪم شروع ٿي سگهي. دؤري جي پهرئين ڏينهن وفاقي وزير بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير ڊينس موروز ۽ مواصلات واري وزاير اليگزسي ليخنووچ سان ملاقاتون ڪيون ۽ اجلاس به منعقد ٿيا، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي عملدارن شرڪت ڪئي. پاڪستان ۾ مواصلات، انڊسٽري، خوراڪ ۽ گهرو معاملن وارا وفاقي سيڪريٽريز به وفد ۾ شامل هئا، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر، اڪنامڪ افيئرز ڊويزن ۽ ڪامرس جو سيڪريٽري به وفد ۾ شامل هو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي بيلاروس جو دؤرو ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوائنٽ منسٽريل ڪانفرنس جو 8هون سيشن منعقد ڪرڻ تي به اتفاق ٿي ويو آهي. اهڙيءَ طرح وزيراعظم جي بيلاورس جي دؤري تي ٻئي بزنس فورم جو بندوبست ڪيو ويندو. وفاقي وزير بيلاروس جي وزيرن سان ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ نمايان بهتري آڻي سگهون ٿا جنهن لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ واپاري راهداري اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان، چين، افغانستان ۽ ايران رستي وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي حاصل ڪري اُتر يورپ لاءِ رستا کولڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسٽريٽجڪ لحاظ سان به شاهراهن جو هي منصوبو اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته دنيا جدت طرف وڌي رهي آهي ۽ مستقبل واپار ۽ بزنس کي هٿي ڏيڻ سان واڳيل آهي جنهن لاءِ اچ وڃ جي ذريعن کي بهتر بنائڻ پهرئين ترجيح آهي. بيلاروس جي توانائي ۽ ٽرانسپورٽ وارن وزيرن، وفاقي وزير جي دؤري جي آجيان ڪئي ۽ کيس پنهنجي ملڪ طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مواصلات وارو وفاقي وزير گذريل ڏينهن بيلاروس پهتو جتي هو ”اسٽيٽ گيسٽ“ هوندو ۽ کيس سرڪاري دؤري ۾ مختلف نوان ايم او يوز تي صحيح ڪرڻ جا موقعا ملندا.