اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سڄي دنيا ۾ تڪراري علائقن ۾ انساني همدردي جي ڪارڪنن جي رڪارڊ فوتگين تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خلاف ورزي ڪندڙن خلاف پابندين ۽ قانوني ڪارروائي تي زور ڀري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ هٿياربند تڪرار ۾ شهرين جي تحفظ تي بحث دوران چيو ته ڇوٽ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڇوٽ رڳو انصاف جي ناڪامي ناهي پر هي پرتشدد ڪاررواين کي ورجائڻ جو لائسنس آهي. هن چيو ته بروقت، آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ۾ جوابدارن کي جوابده بڻائڻ گهرجي. هن ان سلسلي ۾ قرارداد لاءِ عالمي عملدرآمد ڊيش بورڊ ٺاهڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته انساني همدردي جي ڪارڪنن تي وڌندڙ حملا عالمي اصولن جي وڌندڙ بي ڌياني جي عڪاسي ڪن ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته هي ناقابل قبول آهي ته جيڪي ماڻهو بي گهر ٿيل ماڻهن کي وقار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا آهن انهن جي واکاڻ ڪرڻ بدران انهن تي گوليون هلايون وڃن ، ايڊ ورڪر سيڪيورٽي ڊيٽا موجب 2024ع ۾ انساني حقن جا 379 اهلڪار فوت ٿيا جيڪو رڪارڊ تي سڀني کان خطرناڪ سال رهيو. پاڪستاني نمائندي چيو ته جمهوريه ڪانگو، سوڊان، هيٽي،لبنان ۽ يمن کي مختلف چئلينجز درپيش آهن، هي بحران غزه کان وڌيڪ ڪٿي به واضح ناهي جتي 23 آڪٽوبر جي اسرائيلي جنگ ۾ هن وقت تائين گڏيل قومن جا ڪيترائي اهلڪار مارجي چڪا آهن. هن چيو ته اسان انهن ماڻهن کي ناڪام ڪري رهيا آهيون جيڪي پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهندا آهن ۽ ٻين جي خدمت لاءِ لائف لائن طور ڪم ڪندا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2730 ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته انساني همدردي جي عملي کي عالمي قانون موجب تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته تحفظ جي واعدي کي حمايتي قدمن ذريعي ڪرڻ گهرجي. پاڪستان گڏيل قومن جي مشن جي سمورن مينڊيٽ ۾ خاص طور تي پرامن فوج جي منتقلي دوران حفاظتي شقن جي لازمي انضمام جي مطالبي جي به حمايت ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته بيورو ڪريٽڪ رڪاوٽون ۽ جنگي حربي طور انساني همدردي جي رسائي کي هٿيار بڻائڻ بند ٿيڻ گهرجي، اسان کي درست ۽ قابل اعتماد معلومات تائين عوام جي پهچ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان قرارداد 2730 جي موثر لاڳو جي حمايت ۽ سمورن انساني ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن جي حفاظت، وقار ۽ غير جانبداري کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. انساني همدردي ڪارڪنن جي همت ۽ انهن جي تحفظ لاءِ اجتماعي عالمي عزم موجب آهي، هي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن جي ساک کي بحال ڪرڻ لاءِ اهم هوندو.