اسلام آباد-03 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، صدر مملڪت آصف علي زرداري جي جلد صحتيابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين، آصف علي زرداري جي جلد صحتيابيءَ لاءِ قوم کي دُعائن جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته اسان سڀ آصف علي زرداريءَ جي صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيون.