لاهور – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ وزيراعظم کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم صدر آصف علي زرداري جي طبيعت پڇي، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ۽ سندس جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.