لاهور – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر آصف علي زرداري جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ کيس بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم صدر جي صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. وزيراعظم صدر کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته صدر آصف علي زرداري جي جلد صحتيابي لاءِ قوم دعا ڪري. الله تعاليٰ کيس شفاء ڪامله عطا فرمائي ۽ جلد کان جلد صحتياب ڪري.