اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي پرسنل فزيشن ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته صدر ڪورونا ۾ مبتلا آهي، ماهرن جي هڪ ٽيم سندس سارسنڀال ڪري رهي آهي ۽ سندس حالت بهتر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري جي پرسنل فزيشن ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته مختلف ٽيسٽن کانپوءِ ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي ته صدر ڪورونا ۾ مبتلا آهي ۽ کيس هن وقت آئيسوليشن ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ماهرن جي هڪ ٽيم سندس سارسنڀال ڪري رهي آهي ۽ صدر جي حالت بهتر آهي.