هيملٽن-02 اپريل (اي پي پي) نيوزي لينڊ ٻين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان کي آساني سان 84 رنسن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستاني ٽيم 293 رنسن جي هدف جي بدلي ۾ 42 هين اوور ۾ 208 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. فهيم اشرف ۽ نسيم شاهه ففٽيون ٺاهيون. نيوزي لينڊ جي بين سيئرز 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڪيوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر مچل کي 99 رنزن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏڻ تي مرد ميدان قرار ڏنو ويو. گذريل ڏينهن سيڊن پارڪ، هيملٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو. ڪيوي اوپنرز ٽيم کي 54 رنسن جو آغاز فراهم ڪيو. نيڪ ڪيلي 31 ۽ ريس ماريو 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ان کانپوءِ نيوزي لينڊ جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون. ڊيرل مچل 18، هينري نڪولس 22،مائيڪل ريسويل 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.132 تي 5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ مچل وڏي هدف جي راهه هموار ڪئي ۽ 78 بالن تي 99 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 292 تائين پهچائي ڇڏيو. پاڪستاني ڄائو محمد عباس 41 رنسون ٺاهي ٻيو نمايان بيٽسمين رهيو. محمد وسيم ۽ سفيان مقيم 2 ، 2 جڏهن ته فهيم اشرف، عاڪف جاويد ۽ حارث رف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 293 رنسن جي هدف عيوض پاڪستان جي شروعات انتهائي مايوس ڪندڙ رهي ۽ رڳو 72 رنسن تي 7 وڪيٽون ڪري پيون. عبدالله شفيق ۽ بابر اعظم هڪ هڪ، امام الحق 3، ڪپتان محمد رضوان 5 ۽ سلمان آغاز 9، طيب طاهر 13 ۽ محمد وسيم هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ان موقعي تي فهيم اشرف مزاحمتي اننگز کيڏي ۽ 73 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور 174 تائين پهچايو. نسيم شاهه جارحاڻي بيٽنگ ڪئي ۽ پاڪستان کي 200 رنسون عبور ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي پوري ٽيم 41.2 اوورن ۾ 208 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. بين سيئرز شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جيڪب ڊفي جي حصي ۾ 3 جڏهن ته اورورڪ ۽ نيٿن اسمٿ جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي، مچل هي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ 5 اپريل تي مائونٽ مينگنوئي ۾ کيڏيو ويندو.