لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس عيد جون واڌايون پيش ڪيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي بادشاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جون وڌايون پيش ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن شعبن ۾ بحرين سان ويجهن ۽ خوشگوار ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بحرين جي بادشاهه جو بحرين ۾ موجود پاڪستاني برادريءَ جي ميزبانيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان ۽ بحرين جي فلاح ۽ بهبود ۾ بحرين ۾ موجود پاڪستاني برادريءَ جي مُک ڪردار تي روشني وڌي. بحرين جي بادشاهه، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مبارڪن کي سُٺي موٽ ڏني ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڳالهين ۾ بحرين جي بادشاهه کي پاڪستان جي سرڪاري دؤري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.