اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانمر ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ميانمر جي اعليٰ قيادت سينيئر جنرل من آنگ هلينگ، چيئرمين اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن ڪائونسل ۽ ميانمر جي وزيراعظم سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي هن ميانمر ۾ 28 مارچ تي آيل زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچڻ تي پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت طرفان گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب عيدالفطر جي موقعي تي ٽيليفون تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف، ميانمر جي وزيراعظم کي خاطري ڪرائي پاڪستان زلزلي سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ميانمر جي وزيراعظم کي ٻُڌايو ته سندس هدايت تي نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي اٽڪل 70 ٽن امدادي سامان ميانمر لاءِ روانو ڪندي ۽ ٻن کيپن تي ٻَڌل سامان ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ پهچي ويندو. وزيراعظم ميانمر جي عوام جي بهادري ۽ استقامت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو جلد ان قدرتي آفتن تي ضابطو آڻي وٺندا. ميانمر جي وزيراعظم، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني عوام جي سلوڪ کي ساراهيو ۽ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ميانمر جي عوام سان بيهڻ تي سندن ٿورو مڃيو.