راولپنڊي- 31 مارچ (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۽ ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي چيحڪان جو دؤرو ڪيو ۽ اولهه سرحد تي مقرر آفيسرن ۽ جوانن سان عيد ملهائي. آرمي چيف عيد نماز ادا ڪئي ۽ پاڪستان جي استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ دُعا ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فوج جي جوانن کي عيد جون واڌايون پيش ڪندي سندن پُختي لڳن ۽ قوم جي مثالي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اوهان جو عزم ۽ جذبو نه صرف اسان جي وطن کي محفوظ بڻائي ٿو پر پاڪستان سان اوهان جي گهري محبت جي به عڪاسي ڪري ٿو. هن ڪي پي ڪي جي عوام سان گڏوگڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو جن هميشه دهشتگردي جي لعنت خلاف بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. آرمي چيف سندن اڻٿڪ ڪاوشن جو اعتراف ڪندي انهن ڪاميابين کي شهيدن ۽ امن ۽ استحڪام جي عظيم نصب العين سان واڳيل پرعزم ماڻهن جي قربانين سان منسوب ڪيو. آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس پرجوش استقبال ڪيو.