ينگون-30 مارچ (اي پي پي) ميانمار ۽ ٿائلينڊ ۾ آيل خطرناڪ زلزلي سبب فوتين جو تعداد 1600 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته وڏي تعداد ۾ وڏيون وڏيون عمارتون ڀنجو جو ڍير بڻجي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ميانمار جي حڪومت پاران  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته زلزلي سبب فوتين جو تعداد 1644 ٿي ويو آهي جڏهن ته 3408 زخمي آهن ۽ 139 ماڻهو  اڃا تائين گم آهن، عملدارن موجب پلن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو آهي. زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، ميانمار جي فوجي حڪومت جي سربراه من آنگ هلاينگ فوتين ۽ زخمين جو تعداد  وڌڻ بابت خبردار ڪندي ٻين ملڪن کي مدد جي درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته جمعي تي ٿائلينڊ ۽ ميانمار ۾ آيل زلزلي جي شدت 7.7 رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر هئي.