اسلام آباد -29 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ رابطن بابت وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ويسٽ مينجمينٽ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ گير ڪارروائي تي زور ڀريو آهي. پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ زيرو ويسٽ جو عالمي ڏينهن آچر 30 مارچ تي ملهايو پيو وڃي. هلندڙ سال جو ٿيم ”فيشن ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ زيرو ويسٽ“ ٽيڪسٽائيل سيڪٽر مان آلودگي جي خاتمي جي اهم ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو. پاڪستان جي معيشت ۾ ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جو شعبو هڪ وڏو حصيدار آهي ۽ ڪچري جو به هڪ اهم ذريعو آهي. وفاقي وزير روزگار ۽ جي ڊي پي جي اوسر ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي ڪردار کي تسليم ڪندي خبردار ڪيو ته پلاسٽڪ، اليڪٽرانڪس ۽ خوراڪ جو ڪچرو هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان گند ڪچري کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع پاليسن تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي.