بيجنگ -29 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير وانگ اي 31 مارچ کان 2 اپريل تائين روس ج سرڪاري دورو ڪندو. هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ترجمان ٻڌايو ته پنهنجي دوري دوران چين جو پرڏيهي وزير وانگ اي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ۽ ٻين روسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ان دوري سان ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ اهم اتفاق راءِ وارن معاملن تي عمل وارين ڪوششن کي هٿي وٺرائي سگهبي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ چين روس لاڳاپن جي ترقي ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي وڌيڪ موثر ڳالهيون ڪري سگهبيون.