اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد آءِ جي پرنسپل روڊ تي حادثي جو نوٽيس وٺندي ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ۽ ان حادثي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم مارجي ويلن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.