ڪراچي-28 مارچ(اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالفطر جي موقعي تي سزا يافته قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ان فيصلي سان 820 قيدي فائدو حاصل ڪندا. جڏھن ته اها معافي انهن قيدين تي لاڳو نه ٿيندي جيڪي رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث آهن. ان کان سواءِ موت جي سزا، قتل، جاسوسي، دهشتگردي، زنا ۽ ڌاڙي جهڙين سرگرمين ۾ ملوث ڏوهارين تي پڻ ڄاڻايل رعايت لاڳو نه ٿيندي.