اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مراڪش، سوئيٽزرلينڊ ۽ فلپائن جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن سان جدا جدا ملاقات دوران ڪيو. صدر سان مراڪش جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سيد عادل گيلاني، سوئيٽزرلينڊ جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر مرغوب سليم بٽ ملاقات ڪئي. صدر سان فلپائن جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر عاصمه رباني پڻ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سفير ميزبان ملڪن سان واپاري، معاشي، سياسي ۽ سفارتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. هن نامزد سفيرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.