اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار ملاقات ڪئي ۽ اداري سال 2024ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هراسمينٽ جي خاتمي واري محتسب سال 2024ع ۾ 673 ڪيسز اڪلايا، محتسب کي عورتن کي ملڪيت کان محروم ڪرڻ جون 168 شڪايتون پڻ مليون، عورتن کي ملڪيت کان محروم ڪرڻ جي 139 شڪايتن تي فيصلو ڪيو ويو آهي. هراسمينٽ جي خاتمي واري محتسب عورتن کي ملڪيت کان محروم ڪرڻ جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري رهي آهي.