اسلام آباد-28 مارچ(اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستان سان موسمياتي ماليات جي حوالي سان معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري جي صورت ۾ پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالرن جي پهرين قسط ملندي. واشنگٽن ۾ ميڊيا بريفنگ دوران آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملا سٺي طريقي سان اڳيان وڌي رهيا آهن. 25 ڊسمبر 2024 تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان لاءِ 37 مهينن جي توسيعي فنڊ سهولت جي منظوري ڏني هئي جنهن تحت پاڪستان کي گڏيل طور تي 7 ارب ڊالرن جي مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ پهريون جائزو تازو ئي ٿيو ۽ 25 مارچ جي پهرين جائزي لاءِ ڌرين وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طعي ٿي چڪو آهي. هن چيو ته توسيعي فنڊ سهولت تحت ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري کان پوءِ پاڪستان کي اٽڪل 1 ارب ڊالرن جي پهرين قسط ملندي . موسمياتي ماليات بابت ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي تحت ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالرن جي مدد ملندي . آر ايس ايف تحت پاڪستان کي قسطن ۾ اها مدد فراهم ڪئي ويندي.