ڪوئٽه -28 مارچ (اي پي پي) ڪوئٽه مان جعفر ايڪسپريس 400 کان وڌيڪ مسافرن کي کڻي روانو ٿي وئي جڏهن ته ان موقعي تي ريل گاڏي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا. تفصيل موجب 09 بوگين تي مشتمل جعفر ايڪسپريس ڪوئٽه مان 400 مسافرن کي کڻي رواني ٿي وئي واضع رهي ته 11 مارچ تي دهشتگرد حملي کان پوءِ اندروني ملڪ لاءِ ڪوئٽه مان پهرين ريل گاڏي رواني ٿي آهي. جعفر ايڪسپريس ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تان 09 وڳي پشاور لاءِ رواني ٿي . ان موقعي تي پاڪستان مسلم ليگ ن سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر جمال شاه ڪاڪڙ مسافرن کي الودا ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف ۽ ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي جو ٿورائتو آهي ،جعفر ايڪسپريس اڄ ٻيهر رواني ٿي رهي آهي جنهن سان مسافرن لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. ڊي ايس ريلويز جو چوڻ آهي ته مسافرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪيا ويا آهن.