اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي شاهه چارلس ٽئين جي صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان شاهه چارلس ٽئين جي جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. اسان جون دعائون ۽ همدرديون شاهه چارلس ٽئين ۽ شاهي خاندان سان گڏ آهن.