اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز پاران اتر وزيرستان ضلعي ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ مختلف ڪاررواين دوران 11 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.