اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ کنڊ جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اڳ ۾ طئي ٿيل ڪميٽين جي معاهدي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي جي رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن کي معاهدي جي مڪمل تعميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جنهن تحت پوري ملڪ ۾ قيمتون 164 في ڪلوگرام رپيا يا ان کان گهٽ هجن. نائب وزيراعظم مارڪيٽ جي استحڪام ۽ صارفين جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ سستي کنڊ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنڊ جي سپلاءِ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.