اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري نجم الدين اي شيخ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان تعزيتي بيان ۾ چيو ويو ته پرڏيهي وزارت هڪ ناليواري سفارتڪار ۽ پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري (1994ع – 1997ع) جي لاڏاڻي جو اعلان ڪري ٿي. هو ڪالهه جمعي ڏينهن صبح 85 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ پنهنجي حقيقي خالق سان وڃي مليو. پرڏيهي آفيس موجب يونيورسٽي آف سنڌ ۽ ٽفٽس يونيورسٽي جي فليچر اسڪول آف لاء اينڊ ڊپلوميسي جي اڳوڻي شاگرد نجم الدين اي شيخ پنهنجي زندگي جا اٽڪل چار ڏهاڪا غيرمعمولي عزم سان پاڪستان جي خدمت لاءِ وقف ڪيا. سندس شاندار ڪيريئر ۾ جرمني، ڪئناڊا، آمريڪا ۽ ايران ۾ بطور سفير مقرريون شامل آهن، جتي هن مهارت سان پاڪستان جي سفارتي مفادن کي اڳتي وڌايو. پرڏيهي سيڪريٽري جي طور تي هن پنهنجي بصيرت انگيز قيادت ۾ پرڏيهي پاليسي کي اسٽريٽجڪ دورانديشي سان جوڙي ڇڏيو ۽ بعد ۾ ايندڙ سفارتڪارن جي رهنمائي ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پنهنجي سفارتي ذهانت جي لاءِ مشهور نجم الدين اي شيخ عالمي تعاون، علائقائي استحڪام ۽ انساني حقن جو وڏو حامي هو. کيس اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ وسيع پئماني تي عزت ڏني وئي، ساٿين ۽ هم منصبن سندس ديانتداري، پيشيواراڻي مهارت ۽ پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ لگن کي ساراهيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنهنجي سفارتي خدمتن کانسواءِ هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هو سنڌ ڪائونسل آف فارن ريليشنز جو باني ميمبر هو. پرڏيهي وزارت سندس گهرڀاتين، دوستن ۽ انهن سمورن ماڻهن سان پنهنجي گهري تعزيت جو اظهار ڪري ٿي جن کي ان سان گڏ ڄاڻڻ ۽ ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. ان جي خدمت ۽ مدبراڻي وراثت ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ تحريڪ جي طور تي قائم رهندي.