اسلام آباد-28 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جاانگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 20 هزار ڪيوسڪ رهيو، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪرو ترتيبوار 26 هزار ڪيوسڪ رهيو. خير آباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 53 هزار 100 ڪيوسڪ ۽هيٺاهون وهڪرو 53 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم دريا ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 19 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 19 هزار 200 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جومٿانهون وهڪرو 11 هزار 600ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 4 هزار 100 ڪيوسڪ آهي، تربيلا ۾ پاڻي جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1402.08 فٽ آهي جڏهن ته ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1070.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.107ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 638.15 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ آهي.